سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۽ شڪارپور جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر رحيم بخش ميتلو خلاف نيب سکر جي اختيارين پاران آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي،نيب اختيارين پاران اڳوڻي ڊي سي کي انڪوائري لاءِ طلب ليٽر جاري ڪيو ويو، اِن باوجود رحيم بخش ميتلو نيب آڏو پيش نه ٿيو، نيب سکر طرفان اڳوڻي ڊي سي سکر رحيم بخش ميتلو جي پيش نه ٿيڻ تي چيف سيڪريٽري سنڌ کي ليٽر اماڻيو ويو آھي جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته طلب ڪرڻ باوجود رحيم بخش ميتلو نيب وٽ انڪوائري لاءِ پيش ناھي ٿيو، تنھن ڪري کيس جاچ لاءِ انڪوائري ڪاميٽي اڳيان پيش ڪيو وڃي. جڏهن ته نيب سکر طرفان ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڏانهن به هڪ ليٽر اماڻيندي خيرپور ضلعي ۾ رحيم بخش ميتلو ۽ سندس خاندان جي ملڪيتن ۽ اثاثن جا مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. اِن ڏس ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو خلاف نيب پاران جاچ تيز ڪندي جنرل سرچ جا ليٽر پڻ جاري ڪيو آھي، جنھن ۾ سندس والد، ماءٌ، ڀائرن، ڀينرن سميت 14 ڄڻن جي اثاثن، ملڪيتن ۽ بئنڪن جي اڪائونٽس جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، رحيم بخش ميتلو مٿان سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻيون هڻڻ، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جا سنگين الزام لڳڻ کان پوءِ ڪمبائينڊ انويسٽيگيشن ٽيم ون جوڙي جاچ نيب سکر ونگ ٽو حوالي ڪئي وئي آهي، نيب سکر طرفان نيب چيئرمين کي لکت ۾ آگاھ ڪيو ويو ھو، نيب چيئرمين جي منظوريءَ کان پوءِ نيب سکر جي ٽيم جاچ تيز ڪري ڇڏي آھي.