سکر: نيب سکر طرفان ڊي سي خيرپور کي اماڻيل ليٽر ۾ اڳوڻي ڊي سي رحيم بخش ميتلو سميت جن گھر ڀاتين جي اثاثن جو رڪارڊ طلب ڪيو آھي، انھن ۾ رحيم بخش ميتلو، رياض علي پٽ شفيع محمد ميتلو، شفيع محمد ميتلو پٽ علي محمد، سائڻ زال شفيع محمد ميتلو، بشيران خاتون ڌي شفيع محمد ميتلو، رشيدان خاتون، نجمه ميتلو، صائمه، فھميدان اڪرم علي، راجا، صبا ۽ ڪاشف حسين سڀ پٽ ۽ ڌيئر شفيع محمد ميتلو جا شامل آھن. جن جا شناختي ڪارڊ نمبر به اماڻيل ليٽر ۾ شامل ڪيا ويا آھن.