ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران ڊپٽي ڪمشنر ۽ منشيات ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف 24 آڪٽوبر کان سخت احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي . سنڌ ايڪشن ڪميٽي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي اڳواڻن شاهد نور ميمڻ ، اقبال حاجاڻو ، ظهور هاليپوٽو ، جمن سمون ، ناظم نارو ، زوهيب جمالي ، معشوق سٺيو ، ونود مينگهواڙ ، رمضان رند ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽنڊو محمد خان ۾ ڊي سي کي مليل برسات متاثرين جي لاءِ امدادي راشن دڪانن تي وڪرو ٿي رهيو آهي . مذڪوره ڊي سي جيڪو ٽن سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي پر هو اڃان تائين مقامي پ پ جي چونڊيل نمائندن جي آشيرواڌ سان سيٽ تي برقرار آهي . اسين مطالبو ٿا ڪريون ته ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ برسات متاثرين جي مالي واهر ڪئي وڃي ۽ ضلعي مان منشيات جو خاتمو آندو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڊي سي ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻا هنيا ويندا.