ملڪاڻي شريف (ن پ ا) بئراج پٽي ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جو مشهور زميندار ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ضلعي ڪائونسل بدين جي ميمبر حاجي مختيار علي پتافي جو والد حاجي ڄام خان پتافي بيماري سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس لاڏاڻي جي سوڳ ۾ پتافي ٽيل شهر مڪمل بند ٿي ويو. علائقي ۾ سوڳوار ماحول ڇائنجي ويو جنازي کي ڳوٺ ڌڻي بخش پتافي آندو ويو جتي جنازي نماز ادا ڪئي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن زميندارن شهرين صحافين سميت هر طبقي جي ماڻهن شرڪت ڪئي مرحوم جي مڙه کي اباڻي قبرستان اولياء قنمبيرشاه ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.