اسلام ڪوٽ: سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني پاران جاري ڪيل هڪ بيان خانگي ڪمپنيءَ جي ملازم دودو ڀيل جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ڪمپني انتظاميا پاران چيو ويو آهي ته هو سمورن ڪارڪنن جي انساني حقن کي تمام گهڻي احترام سان ڏسن ٿا ۽ هن بدقسمت واقعي جي ڪمپني پاران جاچ ڪندڙ ادارن ۽ عدالتن پاران اڻ ڌري جاچ ۾ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو.