اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وفاقي حڪومت جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سنڌ اندر 41 لک گهرن ۾ گيس ناهي، 17 لک بجلي ۽ 12 لک گهر پاڻي سهولت کان محروم آهن، صوبي ۾ 19 سالن دوران 34 لک گهرن جو اضافو، مجموعي انگ 84 لک 78047 ٿي ويو، ٻهراڙين ۾ گڏجي رهڻ واري روايت گهٽجي وئي. آدمشماري ڪرائيندڙ شماريات کاتي 2017ع جي آدمشماري بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته سنڌ اندر گهرن جو تعداد وڌي مجموعي طور تي 84 لک 78 هزار 47 ٿي ويو آهي، جن ۾ 41 لک 48 هزار 451 گهر سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن ۽ 43 لک 29 هزار 596 گهر سنڌ جي شهري علائقن ۾ قائم آهن، 19 سال اڳ 1998ع جي آدمشماري جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر مجموعي طور تي 34 لک 55 هزار 655 گهرن جو اضافو ٿيو آهي، جن ۾ سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ قائم گهرن ۾ 12 لک 97 هزار 462 گهرن جون اضافو ٿيو آهي، 1998ع ۾ سنڌ جي ٻهراڙين اندر گهرن جو تعداد 28 لک 50 هزار 989 هو، جيڪو 2017 ۾ وڌي 41 لک 48 هزار 451 تي پهتو، 19 سالن ۾ شهري علائقن ۾ 21 لک 58 هزار 193 گهرن جو اضافو ٿيو آهي، ائين 1998ع ۾ سنڌ جي شهري علائقن ۾ قائم 21 لک 71 هزار 403 گهرن جو تعداد وڌي 2017ع ۾ 43 لک 29 هزار 596 تي پهتو آهي، رپورٽ موجب19 سال اڳ سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي في گهر جي ڀاتين جو تعداد 6 هو، 2017ع ۾ سنڌ اندر في گهر جي ڀاتين جو تعداد 1998ع جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 5.55 ڀاتي تي پهتو آهي، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گڏيل فيملي سسٽم شهرن کان وڌيڪ هجڻ باوجود جاري ڪيل رپورٽ ۾ حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته ٻهراڙين جي ڀيٽ ۾ شهرن اندر قائم گهرن ۾ في گهر اندر ڀاتين جو تعداد وڌيڪ آهي، 19 سال اڳ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود گهرن ۾ في گهر اندر 5.50 ڀاتي هئا، 2017ع جي آدمشماري ۾ ٻهراڙين اندر في گهراڻي جو تعداد گهٽ ٿي 5.47 تي پهتو آهي، جڏهن ته شهري علائقن ۾ 19 سال اڳ في گهر جي ڀاتين جو تعداد 6.80 هو، جيڪو 2017ع ۾ گهٽ ٿي 5.62 ڀاتين تي پهتو آهي، رپورٽ ۾ وسيلن سان مالامال سنڌ جي شهرين جي ڀيانڪ طرز زندگي جي منظر ڪشي ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ في ڪمري اندر 3.77 ڀاتي ۽ شهرن ۾ 2.44 ڀاتي رهن ٿا، سنڌ صوبي اندر مجموعي طور تي 53.13 سيڪڙو گهر هڪ ڪمري تي ٻڌل آهن، يعني 84 لک 78 هزار سنڌ صوبي ۾ موجود گهرن مان 45 لک 4 هزار 386 گهر هڪ ڪمري تي ٻڌل آهن، ٻهراڙين ۾ موجود ڪل گهرن 41 لک 48 هزار 451 مان 72.12 سيڪڙو گهر يعني 29 لک 91 هزار 862 گهر هڪ ڪمري تي ٻڌل آهن، شهري علائقن ۾ 34.93 سيڪڙو گهر هڪ ڪمري تي ٻڌل آهن، جن جو تعداد 15 لک 12 هزار 327 ٿئي ٿو، جڏهن ته 2 کان 4 ڪمرن وارا گهر ٻهراڙين ۾ 26.16 سيڪڙو ۽ شهرن ۾ 57.61 سيڪڙو آهن، سنڌ اندر 5 ۽ ان کان وڌيڪ ڪمرن وارا گهر ٻهراڙين ۾ رڳو 1.71 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ 7.45 سيڪڙو آهن، سنڌ اندر مجموعي طور تي قائم گهرن ۾ 48.93 سيڪڙو ٻهراڙين ۽ 51.07 سيڪڙو شهرن ۾ گهر قائم ٿيل آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙين۾ قائم ڪل 41 لک 48 هزار 451 گهرن مان 86.79 سيڪڙو گهر شهرين کي ذاتي گهر آهن، ٻهراڙين ۾ 2.09 سيڪڙو شهري ڪرائي جي گهرن ۽ 11.12 سيڪڙو شهري رينٽ فري گهرن ۾ رهن ٿا، شهري علائقن ۾ قائم 43 لک 29 هزار 556 گهرن مان 67.84 سيڪڙو رڳو شهرين کي ذاتي گهر آهن، سنڌ جي شهري علائقن ۾ 26.39 سيڪڙو ماڻهو ڪرائي جي گهرن ۾ ۽ 5.77 سيڪڙو رينٽ فري گهرن ۾ رهن ٿا، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻهراڙين ۾ قائم گهرن مان 59.16 سيڪڙو گهرن جون ڇتين ڪاٺي ۽ بانس آهي، 39.90 سيڪڙو گهر ڪچين سرن ۽ گاري سان تعمير ٿيل آهن، جڏهن ته شهري علائقن ۾ 88.82سيڪڙو گهر پڪين سرن ۽ سيمنٽ سان ٺهيل آهن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻهراڙين ۾ قائم گهرن مان 77.80 سيڪڙو گهرن اندر پيئڻ جي پاڻي جي سهولت آهي، جن مان 36.51 سيڪڙو گهرن کي واٽر سپلاءِ، 27.94 سيڪڙو نلڪي ۽ موٽر ذريعي پاڻي واپرائن ٿا، سنڌ جي 22.20 سيڪڙو ٻهراڙي جي گهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي گهر کان ٻاهران ڀري واپرائن ٿا، 23 سيڪڙو يعني 9 لک 54 هزار 143 گهرن اندر پاڻي جي سهولت موجود ناهي. جڏهن ته شهري علائقن ۾ 93.5 سيڪڙو اندر پاڻي جي سهولت موجود آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقي ۾ قائم گهرن مان 64.85 سيڪڙو گهرن کي بجلي جي سهولت آهي، 36 سيڪڙو يعني 14 لک 93 هزار گهرن کي بجلي جي سهولت ناهي، اهڙي ريت شهري علائقن ۾ قائم گهرن کي 95.39 سيڪڙو گهرن کي بجلي جي سهولت مليل آهي، 5 سيڪڙو يعني 2 لک 16 هزار گهرن کي بجلي جي سهولت ناهي. ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ گيس پيداوار ڏيندڙ سنڌ صوبي جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ قائم 41 لک 48 هزار 451 گهرن مان 83.76 سيڪڙو گهراڻا يعني 34 لک 74 هزار 742 گهراڻا اڄ به ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، سنڌ جي ٻهراڙي ۾ قائم گهرن مان رڳو 11.82 سيڪڙو گهرن کي گيس فراهمي ٿيل آهي، سنڌ جي شهري علائقن ۾ قائم گهراڻن مان 81.46 سيڪڙو گهرن کي گيس مليل آهي، جڏهن ته 16.68 سيڪڙو شهري علائقن جا گهراڻا به ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿا، يعني 6 لک کان وڌيڪ کي گيس سهولت ناهي.