ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس دوران مخالف ڌُر جو گوڙ، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ جي ڊي اي ميمبر شهريار مهر وچ ۾ منهن ماري، هڪٻئي تي الزام، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي طرفان واڪ آئوٽ، سنڌ اسيمبلي ۾ غير حاضر رهندڙ ميمبرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو فيصلو، اسپيڪر پاران اسيمبلي سيڪريٽري کي غيرحاضر ميمبرن جي فهرست تيار ڪرڻ جي هدايت، ڪالهه اسيمبلي  جو اجلاس ميمبرن جي غيرحاضري سبب ڏيڍ ڪلاڪ تائين ملتوي ڪرڻ بعد ٻيهر شروع ڪيو ويو، اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ غير حاضر رهندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، هن سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته جيڪي ميمبر نه ٿا اچن، انهن جي لسٽ ٺاهي ڏني وڃي، ڪهڙو ميمبر ڪهڙي ٽائيم تي پهچي ٿو؟ اها به رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هوڏانهن اجلاس ۾ ڳالهائيندي جي ڊي اي ميمبر شهريار مهر چيو ته بجيٽ کان اڳ بحث بابت اپوزيشن ميمبرن کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، جنهن تي صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ته توهان ايوان ۾ نٿا اچو ، توهان کي ڪئين ٻڌايون؟ جنهن تي شهريار مهر ۽ مڪيش چاولا ۾ ڏند چڪ ٿي پئي، مڪيش چاولا چيو ته اوهان جي پارلياماني ليڊر کي ٻڌايو ويو هوته اڄ کان بجيٽ کان اڳ وارو بحث (پري  بجيٽ ) شروع ڪيو ويندو. لڳي ٿو مخالف ڌر بجيٽ کان اڳ بحث ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي، جيڪڏهن مخالف ڌر جي دلچسپي ناهي ته اسان جا ميمبر ڳالهائيندا، ٻنهي وچ ۾ منهن ماري ٿيڻ بعد جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن پاران واڪ آئوٽ ڪيو ويو، جنهن بعد اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.