ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  سراج دراني اجلاس دوران ماحول خراب ٿيڻ جو ذميوار مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل کي قرار ڏنو آهي. اسپيڪر دراني چيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ جڏهن به اجلاس ۾ اچي ٿو، ايوان ۾ بگاڙ پيدا ڪري هليو وڃي ٿو. اسان ايوان جي ڪارروائي رولز مطابق هلائينداسين، اسان  حليم جي چوڻ تي رولز  خلاف وڃي نٿا سگھون.