گجرانوالا (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيز ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مريم جڏهن آئينو ڏيکاريندي آهي ته توهين عدالت ياد اچي ويندي آهي، توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن هڪ گهڙي چور پڪڙيو وڃي ۽ ٻاهر ڦرندو وتي. گوجرانوالا ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي ٻاهر ڪيو وڃي، توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن توهان پنهنجي ملڪيت ۽ ڌيءَ کي لڪائيندا آهيو، ان ڪوڙ سان توهان 4 چونڊون وڙهيون، جيڪو شخص پنهنجي ڌيءَ کي انصاف نه ڏئي سگهيو، اهو پاڪستان سان ڪهڙو انصاف ڪندو؟ نواز ليگ جي چيف آرگنائيز چيو ته توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن سازشي کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي، توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن عدالت پيشي جو چئي ۽ هي حڪم نه مڃي، چيو ويندو هو ته نواز شريف هڪ ڪلاڪ ۾ پيش ٿئي ۽ ٿيندو هو، هن کي عدالت گهرائي رهي آهي ۽ هي پلستر ڏيکاري رهيو آهي، نواز شريف تي ٽوڪون ڪندو هو، جيڪو پلستر 5 مهينن ۾ نه لٿو اهو سپريم ڪورٽ جو فيصلو ٻڌندي ئي لهي ويو، پلستر کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي  جو انتظار هو. مريم نواز جو چوڻ هو ته نواز شريف خلاف تڪڙا فيصلا ايندا هئا، هن جي ڏوهن خلاف فيصلا ڪرڻ وارو ڪير آهي يا سندس فيصلو قيامت واري ڏينهن تي ڇڏيو ويو آهي، عمران خان ڪوڙو سائفر ڏيکاري الزام لڳايا، هاڻ آمريڪا کان معافي گهري رهيو آهي، صمانت پارڪ ۾ آمريڪي وفد سان ملاقات ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت کي امپورٽڊ چوندڙ عمران آمريڪا هٿان ايڪسپورٽ ٿيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته عمران خان پاڻ ته ٻڏي ويو پر هن پنهنجي سهولتڪارن کي به ٻوڙي ڇڏيو، عمران جا سهولتڪار اڄ به موجود آهن، آئون انهن کان پڇڻ چاهيان ٿي ته هن کي ڇو ٿا بچائڻ چاهيو، جنهن جي ٻيڙي ٻڏي  چڪي آهي، توهان جي نوڪري اڃا آهي، ڇو پنهنجي نوڪري جي پويان پيا آهيو، جيل ڀريو تحريڪ لڙڪن ۽ سڏڪن سان پڄاڻي تي پهتي. مريم نواز چيو ته فواد چوڌري ۽ سندس ڀاءُ فيصل چوڌري جي آڊيو آئي آهي، جنهن ۾ فواد چوي ٿو ته عدالت ٻاهران ٽرڪ بيٺي آهي،هاڻ اهو نه چئجو ته اها ٽرڪ مريم نواز هلائي آئي، هن ٽرڪ جا چارئي ٽائر پنچر ڪري ڇڏينداسين. هن چيو ته اهو نه ٿئي جو نوازشريف کي اليڪشن مهم اهو چئي هلائڻي پئي ته اليڪشن ڪرايو پر تارازو جا ٻئي پلڙا برابر ڪريو، نوازشريف کي انصاف ڏيو.