ڪراچي( رپورٽ: دودو چانڊيو ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ متحده ميمبرن جي احتجاج سبب اسپيڪر بجيٽ تي بحث اڌ ۾ روڪي ڇڏيو، مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت صوبائي وزير پڻ بجيٽ تي بحث نه ڪري سگهيا، اسپيڪر چيو آهي ته اڄ جمعي جي ڏينهن به ائين احتجاج رهيو ته رولنگ ڏئي بجيٽ پاس ڪرائي ڇڏيندس، ڪالهه اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر محمد حسين ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي اسپيڪر جواب ڏيندي چيو ته توهان ڳالهائي چڪا آهيو، جنهن تان ايم ڪيوايم جي ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو، ان دوران پ پ ايم پي اي شاهينا شير علي چيو ته ڪراچي ايم ڪيو ايم کي رد ڪري چڪي آهي، هاڻ هڪ اشاري تي شهر بند ڪرڻ وارو وقت گذري چڪو آهي، هي پنهنجي باني جا همدرد ناهن ته ڪراچي سان ڪهڙي همدردي ڪندا؟ انهن جو ڪو به مستبل ناهي اهي 8 حصن ۾ ورهائجي ويا آهن، هنن ۾ همت آهي ته قومي اسيمبلي ۾ پاڻي لاءِ احتجاج ڪن، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي باغي ايم پي اي شهر يار شر ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مخالف ميمبرن لوٽا لوٽا جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا، شهر يار شر چيو ته گهوٽڪي جي عوام سان وفاق وڏيون زيادتيون ڪري رهيو آهي، منهنجي تقرير تي مخالف ڌر جا ميمبر سڙي رهيا آهن مان انهن لاءِ برنال مرهم کڻي آيو آهيان، شهريار شر چيو ته گهوٽڪي ۾ اينگرو ڪيميڪل جوزهريلو پاڻي اسان جي زمينن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو، جنهن ڪري هزارين ايڪڙن تي تيار فصل سڙي تباھ ٿي رهيو آهي، گهوٽڪي گئس پيدا ڪري ڏئي ٿي پر ا مقامي ماڻهن کي گئس کان محروم رکيو وڃي ٿو، جي ڊي اي جي نند ڪمار گوڪلاڻي چيو ته ذوالفقار آباد سنڌ دشمني تي ٻڌل پراجيڪٽ آهي، بينظير ڀٽو اگر اڄ زنده هجي ها ته اپوزيشن سان ايترو ظلم نه ٿئي ها، هن چيو ته سانگهڙ ۾ صحت جون سهولتون بهتر ناهن، ضلعي ۾ تعليمي نظام درهم برهم آهي، ڄام نواز علي تعلقي ۾ هڪ به گرلز اسڪول ناهي، اقليتن کي بجيٽ ۾ اسڪيمون ناهن مليون اسان جيڪو بل آڻيون ٿا، اهي پاس ئي نٿا ٿين، جيڪڏهن منارٽي جا بل پاس ناهن ڪرڻا ته اسان کي ٻڌايو وڃي، پ پ جي قاسم سراج سومرو چيو ته مخالف ڌر وارا بلاجواز ايوان جو تقدس پائمال ڪري رهيا آهن، انهي دوران اسپيڪر مخالف ڌر جي گوڙ سبب اجلاس 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪندي اپوزيشن ليڊر کي هدايت ڪئي ته هو ساٿين کي سمجهائي، ڪارروائي هلڻ ڏئي. 10 منٽن کانپوءِ اجلاس شروع ٿيندي ئي ايم ڪيو ايم جا ميمبر اسپيڪر جي ڊائيس اڳيان بيهي نعري بازي ڪندا رهيا، اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي کي جاري رکندي قاسم سراج سومرو کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني، قاسم سراج جي تقرير دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبرن احتجاج جاري رکيو، جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. اسپيڪر آغا سراج دراني بار بار مخالف ميمبرن کي چوندو رهيو ته احتجاج ڪرڻو اٿئو ته ايوان کان ٻاهر ڪريو. ان موقعي تي مخالف ڌر جي ليڊر حليم عادل شيخ چيو ته پرامن احتجاج اپوزيشن جو حق آهي، ايم ڪيو ايم اسانجي اتحادي آهي، پ پ جي غلام قادر چانڊيو چيو ته ڪراچي جو امن امان تباھ ڪندڙ اهي ئي ميمبر آهن، جيڪي ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻائي ويٺل آهن، ايم ڪيو ايم ميمبرن جي گوڙ ۽ نعري بازي تي اسپيڪر وارننگ ڏيندي چيو ته ميمبر پرامن ماحول ۾ هائوس هلائڻ نه ٿا چاهين، هن وقت هڪٻئي کي گٿا لفظ ٿا ڳالهايو ،سڀاڻي جهيڙو به ڪري سگهو ٿا، ان ڪري آئون وري به چوان ٿو ته ماحول بهتر انداز ۾ هلايو نه ته آئون هاڻ بجيٽ تي ڪنهن کي به تقرير ڪرڻ نه ڏيندس ۽ رولنگ ڏئي بجيٽ پاس ڪرائي ڇڏيندس، اسپيڪر اجلاس اڄ صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.