ڪراچي: صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر بجيٽ اجلاس کان اڳ سمورين پارٽين سان گڏجاڻي ڪئي هئي، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم وارا نه آيا هئا، گڏجاڻي ۾ بجيٽ اجلاس گهڻا ڏينهن ۽ ڪيئن هلائجي؟ بابت حڪمت عملي جوڙي وئي هئي، بعد ۾ پي ٽي آءِ وارن ٻڌايو ته انهي فيصلي سان متحده وارا متفق ناهن ، متحده وارن جي مسلسل گوڙ سبب اسپيڪر ڪجهه منٽن لاءِ اجلاس ملتوي به ڪيو، مون پاڻ وڃي درخواست ڪئي ته اجلاس هلڻ ڏيو پرانهن ڪا ڳالهه نه مڃي وئي، انهي ڪري اجلاس اسپيڪر ملتوي ڪيو، هن چيو ته مالي سال 2021-22 ع جي بجيٽ اڄ پاس ٿيندي ، هن چيو ته هلندڙ مالي سال به سنڌ کي 80 ارب گهٽ ڏنا ويا آهن هن چيو ته ڇا بحريا ٽائون ۾ متحده باني جون تصويرون نه هيون؟ اتي ملڪ مخالف نعرا نه هنيا ويا ؟ اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ انهي سازش کي سمجهن، ڪراچي جا دعويدار ٽن ضلعن مان آئوٽ آهن هي صوبي جي ڳالهه ڪري جناح پور جي سازش ڪري رهيا آهن .