اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي ايوان قومي اسيمبلي کي 114 بجيٽ سفارشون اماڻي ڇڏيون آهن، پگهارون 20 سيڪڙو وڌائڻ، مالياتي ايوارڊ آڻڻ ۽ ايف بي آر کان گرفتاري اختيار کسڻ جي بجيٽ سفارش اماڻي وئي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ناڻي ڪاميٽي جي چيئرمين طلحا محمود بجيٽ بابت سفارشن تي ٻڌل رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي، جن سفارشن کي قومي اسيمبلي ڏانهن اماڻيو ويو آهي، سينيٽ پاران قومي اسيمبلي کي ڪل 114 بجيٽ بابت سفارشون اماڻيون ويون آهن، جن ۾ سينيٽ ايف بي آر کي بي لغام اختيار ڏيڻ کي غير آئيني قرار ڏيندي ايف بي آر کي گرفتاري جا اختيار ڏيڻ کي ڪارو قانون قرار ڏيندي اها تجويز واپس وٺڻ، پگهارن ۾ 20 سيڪڙو تائين واڌ ڪرڻ، ٻارڙن جي کير تي لڳايل ٽيڪس تجويز واپس وٺڻ، صحافين جي ٽي اي ڊي اي ۽ ٻين خرچن تي لڳايل ٽيڪس کي ختم ڪرڻ، حج ۽ عمري تي لڳايل ٽيڪس، 25 هزار تائين بجلي جي بل تي لاڳو ود هولڊ ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي سفارش شامل آهن، جڏهن ته هيلٿ ڪيئر شعبي تي لڳايل ود هولڊ ٽيڪس جي شرح 8 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 3 سيڪڙو ڪرڻ، عام واهپي جي شين تي جي ايس ٽي ڇوٽ کي بحال ڪرڻ، نئين اين ايف سي ايوارڊ جو جلد اعلان ڪرڻ، پيٽروليم ليوي ۾ واڌ نه ڪرڻ، اٽي جي ملن تي ٽيڪسون لاڳو نه ڪرڻ، پگهاردار طبقي جي ميڊيڪل ۽ ٻين مراعتن توڙي پروويڊنٽ فنڊ ۽ پينشن تي 10 ارب لڳايل انڪم ٽيڪس واپس وٺڻ، صحت ۽ تعليم لاءِ رکيل بجيٽ کي ٻيڻ تي وڌائڻ، گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجوري کي وڌائي 25 هزار ڪرڻ، امپورٽيڊ ڪاسميٽڪس تي ڊيوٽي ۽ ٻين چارجز کي گهٽ ڪرڻ، آءِ ٽي صنعت کي مليل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ، 800 سي سي گاڏين تي 30 هزار لائيف ٽائيم ٽوڪن فيس ختم ڪرڻ، عام واهپي جي شين تي جي ايس ٽي کي 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري ساڍا 8 سيڪڙو ڪرڻ، پوليٽري تي سيلز ٽيڪس 10 سيڪڙو کان وڌائي 17 سيڪڙو ڪرڻ واري تجويز واپس وٺڻ، سون تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري حڪومتي تجويز کي رد ڪندي سينيٽ شين جي وڪري تي شناختي ڪارڊ جي شرط ختم ڪرڻ، سينيٽ گوادر پورٽ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي به سفارش ڪئي آهي. سينيٽ جي ايوان بلوچستان ڏي واپڊا جا رهيل 25 ارب رپيا وفاقي حڪومت کي پاڻ ادا ڪرڻ جي به سفارش ڪري ڇڏي آهي.