نئين دهلي (م ڊ) ڀارت جي حڪومت ڄمون ۽ ڪشمير جي مقامي سياسي قيادت سان اي پي سي ڪرڻ بعد نئين سر تڪبنديون ڪرائڻ، چونڊون ڪرائڻ ۽ رياست جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هي. جڏهن ته سياسي قيادت آرٽيڪل 370 جي واپسي تي اعتراض واريا. ڪالهه آل پارٽيز ڪانفرنس 3 ڪلاڪ جاري رهي. ڀارتي ميڊيا موجب 80 سيڪڙو پارٽين آرٽيڪل 370 تي ڳالهايو پر اهو معاملو عدالت ۾ هلي رهيو آهي. اڪثر ماڻهن رياست جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هيٺين سطح تي جمهوريت کي لاڳو ڪرڻ اسان جي اوليتن ۾ شامل آهي، ان باري ۾ تڪ بنديون تڪڙن بنيادن تي ڪرايون وينديون ته جيئن اتي چونڊون ٿين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ چونڊيل حڪومت قائم ٿئي ۽ اتي تيزي سان ترقي ٿئي. گهرو وزير اميت شاهه چيو ته اسان تڪ بندين ۽ پرامن چونڊن کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا رياست جي ترقي يقيني بڻائي ويندي. ٻئي طرف ڪانگريس اڳواڻ غلام نبي آزاد چيو ته اسان 5 مطالبا ڪيا رياست جو درجو ڏيڻ، اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون وڃن، جمهوريت بحال ڪئي وڃي، ڪشمري پنڊتن کي بحال ڪيو وڃي، سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن ۽ ڊوميسائل تي عمل ڪيو وڃي. پيپلز ڪانفرنس جي اڳواڻ مظفر حسين بيگ ٻڌايو ته وزيراعظم مودي ڪشمير ۽ ڄمون کي پرامن خطو بڻائڻ لاءِ هرممڪن مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. تڪ بندين بعد رياست جي درجي تي به ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. نيشنل ڪانفرنس جي اڳواڻ فاروق عبدلله چيو ته آرٽيڪل 370 تحت ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ واري فيصلي خلاف عدالت ۾ ڪيس وڙهندا رهنداسين، رياست جي مڪمل بحالي سان ئي اعتماد بحال ٿيندو. پي ڊي پي جي اڳواڻ محبوبه مفتي چيو ته آرٽيڪل 370 غيرآئيني طريقي سان ختم ڪيو ويو 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڪشميري ماڻهو مشڪل ۾ آهن، هو ڪاوڙيل آهن کين احساس آهي ته هنن جي بيعزتي ڪئي وئي آهي، 370 جو خاتمو ڪشميرين کي قبول ناهي. اڳوڻي وڏي وزير عمر عبدالله چيو ته وزيراعظم کي ٻڌايو ته 5 آگسٽ 2019ع وارن قدمن جي واپسي ضروري آهي. ڪشميري اڳواڻ الطاف بخاري چيو ته وزيراعظم سڀني اڳواڻن کي تڪبندين واري عمل ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.