سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ڀرسان ڳوٺ الهه وسايو ٻرڙو ۾ چلهه مان اٿيل چڻنگ اٿڻ سبب جمن ٻرڙو، اعجاز، محمد بخش، يوسف ٻرڙو جا گھر سڙڻ بعد متاثر 5 ڏينھن کان کليل آسمان ھيٺ ويٺل ڪنھن به چونڊيل نمائندي توڙي انتظاميا سار نه لڌي. باهه متاثر بي يارومددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. ان موقعي تي يوسف ٻرڙو ۽ محمد بخش ٻرڙو انتظاميا کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.