پٿورو (ن پ ا) پٿوري لڳ پنج ڏينهن اڳ ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان فوت ٿي ويو، پنج ڏينهن اڳ شادي پلي ويجهو ميرپورخاص مين روڊ تي شادي پلي، پلي موڙ اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر سبب ڳوٺ بلوچ آباد جو رهواسي موٽر سائيڪل سوار 45 ورهين جو الياس پٽ مرحوم اصغر شر مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ميرپورخاص بعد حيدر آباد ريفر ڪيو ويو هو ۔ جيڪو پنج ڏينهن لاڳيتو ڪوما ۾ رهڻ بعد حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش سندس ڳوٺ بلوچ آندو ويو، جتي لاش پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.