جمال شاھ (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان ڳوٺ لعل محمد مهر ۾ ڀيل برادري جي ٻن ڄڻن روڙو ڀيل ۽ سوائي ڀيل جي ڪکائن گهرن کي چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب باهه وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ ٻنهي جا گهر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا، متاثر بي يارومددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. هنن ڪمشنر شھيد بينظير آباد ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته سندن واهر ڪئي وڃي.