خيرپور (رپورٽر) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي پاران انجنيئرنگ ٽيڪنالاجيز ۾ اڀرندڙ نَوَن رجحانن بابت پهرين عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب مهراڻ يونيورسٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيمپس جي آڊيٽوريم ۾ ٿي گذري. عالمي ڪانفرنس ۾ ملائيشيا، آمريڪا، چائنا، ترڪي ۽ پوري مُلڪ مان 106 کان وڌيڪ عالمن تحقيقي مقالا پيش ڪيا. تقريب کي خطاب ڪندي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مهر چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ٽيڪنالاجيءَ طرف اڳتي اچڻو پوندو ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي شعبي ۾ پاڻ ملهائڻو پوندو. ملائيشين اسڪالر پروفيسر ڊاڪٽر فاتحه شجا چيو ته پاڪستان جا ذهين شاگرد تحقيق جي شعبي ۾ پاڻ ملهائي رهيا آهن. پروفيسر ڊاڪٽر زاهد حسين کنڊ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالشڪور، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ، پروفيسر ڊاڪٽر حيدر عباس موسوي، پروفيسر ڊاڪٽر حسين بخش مري، ڊاڪٽر آفتاب احمد سومري ۽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده دؤر آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آهي. تقريب جي آخر ۾ آيل مهمانن کي وائيس چانسلر طرفان مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ يادگار شيلڊون ڏنيون ويون.