بدين (رپورٽر ) بدين ۾ پ ٽ الف ايڪشن ڪاميٽي طرفان ٻئي ڏينهن به ٽريزري آفيس عملي خلاف علامتي بک هڙتال جاري رهي،  اي ڊي سي ون نجيب الرحمان جمالي پاران پ ٽ الف ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن جي وفد رمضان جوڻيجو، حسن شاھ ۽ فيض ابڙو سان سندس آفيس ۾ڳالھيون ڪري 16 مئي تائين ڊي او پرائمري  ۽ ٽريزري جي ڪامورن کي طلب ڪري روبرو ڳالھيون ڪري مسئلو حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. اي ڊي سي ون ٽريزري آفيس عملي کي  نيون آئيڊيون مفت کولڻ جو به حڪم  ڏنو، اي ڊي سي ون جي خاطري کان پوءِ پ ٽ الف پاران بک هڙتال ڪئمپ عارضي طور تي ختم ڪري ڇڏي.