اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪ فوج فوجي ملڪيتن کي نشانو بڻائڻ جي قدمن کي تاريخ ۾ ڪارو باب قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران جي گرفتاري بعد منظم طريقي سان فوجي ملڪيتن تي حملا ڪرايا ويا. جيڪو ڪم ابدي دشمن75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو اقتدار جي حوس ۾ مبتلا سياسي ويس اوڍيل گروهه ڪري ڏيکاريو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته فوجي ملڪيتن کي منظم طريقي سان نشانو بڻايو ويو، اسان ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين. بيان ۾ چيو ويو ته عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان نيب پڌرائي ۽ قانون موجب گرفتار ڪيو ويو هو. جنهن کان پوءِ شرپسند عنصرن فوج خلاف مهم هلائي ۽  عوام کي بدظن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، 9مئي جي ڏينهن کي ملڪي تاريخ ۾ ڪاري باب طور ياد رکيو ويندو، آءِ ايس پي آر بيان جاري ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي قانون پٽاندڙ حراست ۾ ورتو ويو، عمران خان جي گرفتاري بعد منظم طريقي سان آرمي جي ملڪيتن ۽ ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا ويا، پاڪ فوج خلاف نعريبازي ڪئي وئي، شرپسند خودغرض مقصد لاءِ عوامي جذبا ڀڙڪائي رهيا هئا، هڪ طرف ته هي شرپسند عنصر ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي فوج جي اهميت کي اجاگر ڪندا آهن ۽ ٻئي طرف هي ٻهروپيائي جو اعليٰ مثال آهي ملڪ جو ابدي دشمن 75 سالن ۾ جيڪو ڪم نه ڪري سگهيو، اُهو ڪم اقتدار جي حوس ۾ مبتلا هڪ سياسي ويس اوڍيل گروهه ڪري ڏيکاريو، فوج پنهنجي ساک جي پرواهه نه ڪندي ملڪ جي وسيع مفاد ۾ انتهائي صبر کان ڪم ورتو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته مڪروهه رٿابندي تحت پيدا ڪيل صورتحال وسيلي ڪوشش ڪئي وئي ته آرمي پنهنجو فوري شديد ردعمل ڏيکاري، ۽ پوءِ ان کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري سگهجي  پر پاڪ فوج جي ميچوئر جواب اُن سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. فوج جي ترجمان چيو ته اسان کي ڀلي ڀت خبر آهي ته اِن عمل پويان پارٽي جا ڪجهه شرپسند ليڊر هئا جن اهي هدايتون ۽ حڪم اڳ ۾ ئي جاري ڪيون هيون. جيڪي سهولتڪار، منصوبي ساز ۽ سياسي هنگامو ڪندڙ انهن ڪارروائين ۾ ملوث آهن، انهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي ۽ سندن خلاف قانون پٽاندڙ سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، اهي سمورا شرپسند نتيجن جا پاڻ ذميوار هوندا. پڌرائي موجب فوج سوڌو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، فوجي ۽ رياستي ملڪيتن تي وڌيڪ ڪنهن به حملي جي صورت ۾ شديد ردعمل ڏنو ويندو، جنهن جي ذميواري مڪمل طور اُن ٽولي تي هوندي، جيڪو ملڪ کي گهرو ويڙهه ۾ ڌِڪڻ گهري ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا کليل نموني ان جو اظهار به ڪري چڪو آهي عوام کي ڀڙڪائڻ ۽ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي.