اسلام آباد/ڪراچي/لاهور/پشاور/ڪوئيٽا (نمائندن وٽان + م ڊ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان 8 ڏينهن جي رمانڊ تي نيب حوالي، گرفتاري خلاف ملڪ گير پرتشدد مظاهرا جاري، ٻئي ڏينهن به وڳوڙ، عمارتن ۽ گاڏين کي باهيون، چڪريون، وڌيڪ 10 ڄڻا مارجي ويا، اسد عمر، فواد چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما سوڌو هزارين ڪارڪن گرفتار، دهشتگردي جا ڪيس داخل، اسلام آباد، پنجاب ۽ ڪي پي ۾ فوج طلب، تفصيل موجب  اسلام آباد جي عدالت القادر ٽرسٽ يونيورسٽي ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي  پوليس لائينز کي عدالت جو درجو ڏئي اُتي کيس پيش ڪيو ويو، نيب اختيارين عدالت کان استدعا ڪئي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي، تنهنڪري سندس 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ڏنو وڃي، عدالت نيب جي استدعا رد ڪندي عمران خان کي 8 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو آهي، احتساب عدالت نيب کي حڪم ڏنو آهي ته 17 مئي تي عمران خان کي ٻيهر پيش ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل نيب جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو ڪيس نيب جي دائري اختيار ۾ نٿو اچي، نيب انڪوائري رپورٽ به ناهي ڏني، نيب پراسيڪيوٽر پاران چيو ويو ته گذريل ڏينهن گرفتاري دوران عمران کي گرفتاري وارنٽ ڏيکاريو ويو هو، عمران خان چيو ته مون کي وارنٽ گرفتاري حراست ۾ وٺڻ مهل نه پر نيب جي دفتر نئيندي ڏيکاريو ويو، ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب عمران خان جي وڪيلن کي دستاويز فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي آهي، نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي ڪرپشن جي جاچ ڪئي، واپس ڪيل رقم پاڪستاني حڪومت بدران پراپرٽي ٽائيڪون سان ايڊجسٽ ڪئي وئي، خواجه حارث دليل ڏنا ته القادر ٽرسٽ جي زمين تي بلڊنگ ٺهيل آهي، ٽرسٽ ۾ ماڻهو مفت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ٽرسٽ جو هڪ ليگل پرسن هوندو آهي، جيڪو پبلڪ آفيس هولڊر ناهي هوندو ۽ عمران خان هن وقت پبلڪ آفيس هولڊر ناهي، احتساب عدالت کي سيڪيورٽي سببن جي ڪري پوليس لائينز اسلام آباد ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي گيسٽ هائوس کي عدالت جو درجو ڏنو ويو، جتي توشا خانه ڪيس جي به ٻڌڻي ٿي. هوڏانهن اسلام آباد پوليس تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب عمر سرفراز چيما کي به گرفتار ڪري ورتو، اسد عمر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ٻاهر نڪرندي ئي دهشتگردي ٽوڙ اسڪواڊ گرفتار ڪري ورتو. اسد عمر ۽ شاهه محمود قريشي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست کڻي آيا هئا، جنهن ۾ هنن اپيل ڪئي ته کين عمران خان سان ملڻ ڏنو وڃي. اسد عمر کي گرفتار ڪيو ويو، شاهه محمود قريشي کي وڪيلن بچائي ورتو. فواد چوڌري صبح 11 وڳي کان سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل رهيو جيڪو رات جو 11 وڳي کان پوءِ ٻاهر نڪتو ته گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گھرن تي ڇاپا، 350 ڪارڪن گرفتار، 10 ڪيس داخل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ پوليس ذريعن موجب پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر آفتاب صديقي، اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ، خرم شيرزمان، ايم پي اي سعيد آفريدي،  بلال غفار، علي جي جي ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ پوليس جون خاص ٽيمون پڻ جوڙيون آهن،  ڪالهه آفتاب صديقي، حليم عادل شيخ، خرم شيرزمان، ايم پي اي عباس جعفري، فهيم خان ۽ ٻين جي گھرن تي ڇاپا هنيا پر اڳواڻ گھر ۾ نه هجڻ ڪري گرفتار ٿيڻ کان بچي ويا، پوليس حليم عادل شيخ جي گھر مان ملازمن، خرم شير زمان جي گھر مان سندس ڀاءَ ۽ عمران اسماعيل جي گھر مان ڊرائيور کي گرفتار ڪري کڻي وئي. اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو ته  پوليس منهنجي ماءَ جي گھر  پهچي منهنجي باري ۾ پڇاڳاڇا ڪئي ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو ٻئي طرف پوليس موجب هن وقت تائين 350 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري 10 ڪيس داخل ڪيا ويا. هوڏانهن ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي طرفان وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته انتشار پکيڙيندڙ 270 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پيپلز بس کي باهه ڏيندڙ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيا وڃن، ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ هر هڪ جوابدار لاڪپ ۾ گھرجي. ٻئي طرف لاهور ڪينٽ تي حملي جو پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر سوڌو 80 ڪارڪنن تي گاڏيون ۽ اهم عمارتن ۾ ڀڃ ڊاهه، فوج، عدليه ۽ حساس ادارن خلاف گارگند ڪرڻ تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين کي به نامزد ڪيو ويو، راولپنڊي ۾ جي ايچ ڪيو جي گيٽ تي حملي جو اڳوڻي صوبائي وزير بشارت سميت ڊزن کان وڌيڪ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ دهشتگردي سوڌو 9 قلم شامل ڪيا ويا. جڏهن ته القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن به پرتشدد مظاهرن جو سلسلو جاري رهيو، ڪي پي ۾ مڇريل مظاهرين مريض کڻي ويندڙ ايمبولينس کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس موجب مظاهرين مريضن کي لاهڻ بعد ايمبولينس کي باهه ڏئي ساڙيو ڇڏيو، اسلام آباد ۾ پوليس آفيس کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، پشاور ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس تي شرپسندن حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي، جڏهن ته پشاور ۾ ريڊيو پاڪستان تي مڇريل ماڻهن حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ، سرڪاري سامان پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ڊي جي ريڊيو پاڪستان ظاهر حسن موجب مڇريل ماڻهن وٽ هٿيار هئا مظاهرين اتي موجود عورت عملي کي به تشدد جو نشانو بڻايو. مختلف شهرن ۾ پرتشدد مظاهرن دوران 10 ڄڻا مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، ڪيترين ئي گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙي ويو ، مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس پاران شيلنگ ۽ فائرنگ پڻ ڪئي وئي، اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد، ملتان، ڪراچي، گجرانوالا سميت پنجاب جي وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار آهي، ڪوئيٽا، لاهور ۽ چڪدره ۾ به هڪ هڪ ڄڻو مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي، پشاور ۾ پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڇڪتان دوران 4 ڄڻا مارجي ويا آهن جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 47 ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ 27 کان زخمي  ٿيا. پشاور اسميبلي چوڪ ميدان جنگ بڻيل رهيو، ليڊي ريڊنگ اسپتال جي ترجمان موجب جيڪي مارجي ويل ماڻهو آندا ويا آهن انهن کي گوليون لڳل آهن، زخمين کي به گوليون لڳل آهن. خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت موجب ڪالهه کان هيل تائين ٿيل پرتشدد مظاهرن دوران 30 کان وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آهن، پنجاب پوليس ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ 945 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته  ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث ماڻهن کي سي سي ٽي وي فٽيجز ذريعي سڃاڻپ بعد گرفتاري عمل تيز ڪيو ويو آهي، سوات ۾ موٽر وي جي ٽول پلازه کي باهه ڏني وئي. هوڏانهن پنجاب ۽ ڪي پي ۾ فوج کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا حڪومتن صوبن ۾ امن امان لاءِ پاڪ فوج جو خدمتون طلب ڪيون، جنهن لاءِ وفاق کي درخواستون موڪليون. وفاقي حڪومت فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسلام آباد ۾ به فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان کانسواءِ پنجاب، ڪي پي ، بلوچستان، سنڌ ۾ قلم 144 به لاڳو ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي مطابق پاڪ فوج جي 10 ڪمپنين جون خدمتون پنجاب حڪومت جي حوالي ڪيون ويون آهن، پاڪ فوج امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ضلعي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪندي ۽ ضلعي انتظاميا جي معاونت ڪندي.

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گرفتاري بعد اختيار ڪيل طرز عمل کي دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو، پي ٽي آءِ تي پابندي لاءِ مشاورت، اڪثر ميمبرن پاران مخالفت، سخت ڪارروائي جي سفارش، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪرپشن ڪيس ۾ پڪڙيل عمران ملڪ دشمني جو ناقابل معافي ڏوهه ڪيو آهي، ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ملڪ دشمني آهي، قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آھي ته ڪابينا اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي چيئرمين عمران خان طرفان هڪ عرصي کان مسلسل ادارن ۽ ان جي قيادت کي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ويو ته قاتلاڻن حملن کان وٺي قومي ادارن کي سياست ۾ گهلڻ تائين ڪريل الزام هڪ تسلسل سان لڳايا پيا وڃن، اجلاس ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت جو سوچيل سمجهيل منصوبي تحت حساس ادارن ۽ ان جي آفيسرن کي نشانو بڻائڻ هڪ تسلسل آهي، جيڪو هاڻي حساس ادارن ۽ عمارتن تي دهشتگرداڻن حملن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، هي آئيني، قانوني يا جمهوري رويو نه پر دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني آهي، جنهن کي ڪنهن صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز جي شاهدين تي ٻڌل سنگين ڪيس ۾ نيب هڪ قانوني عمل ذريعي عمران خان کي گرفتار ڪيو جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قانوني قرار ڏنو، احتساب عدالت به تفصيلي بحث ۽ ٻڌڻي کان پوءِ ان گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو آهي، پر ان جي باوجود پي ٽي آءِ قيادت جي ڀڙڪائڻ تي پوري ملڪ ۾ امن امان جي سنگين صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، عمارتن تي حملا ڪيا ويا، باهيون ڏنيون ويون، گاڏيون ساڙيون ويون، جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، اجلاس طئي ڪيو ته آئين ۽ قانون جي خلاف سرگرمين کي سختي سان منهن ڏنو ويندو، دهشتگردي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي ويندي، رياستي ۽ سرڪاري ادارن، نجي ملڪيتن، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ آئين ۽ قانون مطابق اثرائتا قدم کنيا ويندا، امن و امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وفاقي ڪابينا وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا اسلام آباد ۾ به پاڪ فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي لڳائڻ جي مامري تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي، ذريعن مطابق ڪابينا جي اڪثر ميمبرن سياسي جماعت تي پابندي لڳائڻ جي مخالفت ڪري ڇڏي، ڪابينا جي اڪثر ميمبرن جي راءِ آهي ته تحريڪ انصاف تي پابندي مسئلي جو حل ناهي، ذريعن مطابق اجلاس ۾ ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ ۽ شرپسندي ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پرتشدد واقعن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم پڇاڻو ڪيو ته سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن جي سيڪيورٽي کي ڇو يقيني نه بڻايو ويو، جنهن تي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته ڪنهن به خون خرابي کان بچڻ لاءِ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويو، واقعن ۾ ملوث عنصرن جون گرفتاريون جاري آهن، وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته جتي جتي حالتون خراب آهن قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن جي نفري وڌائي وڃي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪابينا ميمبرن اهم شخصيتن جي گهرن تي رينجرز مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي، ذريعن مطابق ڪابينا جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف تي پابندي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو وفاقي ڪابينا اهو مامرو ملتوي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ وڏي تلخ رهي آهي ۽ سياست ۾ انتقامي ڪاررواين جو به سٺو انجام نه نڪتو آهي، قومي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته سياسي جماعتن ماضي جي انهن تلخ حقيقتن مان سبق سکيو آهي ۽ سياسي انتقام کي دفن ڪري قومي ايجنڊا تي اتفاق ءِ جي هڪ نئين تاريخ لکي جنهن کي ميثاق جمهوريت چون ٿا، هن چيو ته اڄ نيب ترميمن جو سڀ کان پهريون جنهن کي فائدو مليو آهي ان جو نالو عمران نيازي آهي، هن چيو ته مان ۽ منهنجا ساٿي اڄ به نيب جون پيشيون ڀوڳي رهيا آهيون، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهندڙ نواز شريف پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڌيءَ سان گڏ انتهائي بهادري سان 100 کان وڌيڪ نيب پيشيون ڀوڳيون، ايتري تائين جو ڇنڇر ڏينهن به عدالت ۾ پيش ٿيندو رهيو ۽ موت جي بستري تي آخري ساهه کڻندڙ منهنجي وڏي ڀيڻ ڪلثوم نواز کي ڇڏيو ۽ ڌيءَ مريم جو هٿ پڪڙي جيل هليو ويو، هن چيو ته قانون جي حڪمراني جو مطلب اهو ئي آهي ته توهان قانون ۽ عدالت ۾ پنهنجي حقن جي جنگ وڙهو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ قطعي دهشتگردي جو عمل آهي، طاقتور ۽ ڪمزور سڀ قانون جي سامهون برابر آهن، اهو اسلام جو درس آهي ۽ اهو ئي جمهوريت جو حسن آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران نيازي جي گرفتاري ڪرپشن ۽ ڪرپٽ سرگرمين جي ڪيس ۾ ٿي آهي، القادر ٽرسٽ ڪيس جا سمورا شاهد ۽ ثبوت موجود آهن جنهن جي نيب انڪوائري ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسان ڪڏهن به عدالت ۽ قانون کي منهن ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو، اسان شديد خدشن ۽ اعتراضن جي باوجود به قانون کي منهن ڏنو، قانون ۽ عدالت جي سامهون پيش ٿيندا رهياسين، هن چيو ته اهڙا دل ڏکوئيندڙ منظر 75 سالن جي تاريخ ۾ پهريان ڪڏهن نه ڏٺا آهن، عوام کي روڊن ۽ گاڏين ۾ محصور ڪيو ويو ۽ انهن جي زندگين کي خطري ۾ وڌو، ايتري تائين جو ايمبولنس مان مريضن کي ڪڍي انهن کي به باهه ڏني وئي، هن چيو ته نجي ۽ سرڪاري گاڏين کي ساڙيو ويو، سوات موٽروي کي ساڙيو ويو، سرڪاري اختيارين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، حساس ملڪيتن ۽ عمارتن تي دشمن وانگر حملو ڪيو ويو، هن چيو ته پاڪ فوج جي خلاف ڪجهه سئو هٿياربند جٿي کي ڀڙڪائڻ جي انتهائي گهٽيا ۽ ڪريل حرڪت ڪئي وئي، هن چيو ته 75 سالن ۾جيڪو پاڪستان جو ازلي دشمن ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو، هنن دهشتگردن ۽ ملڪ دشمنن ڪري ڏيکاريو، هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران نيازي جي مامري تي نوٽيس ورتو ۽ پوءِ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته عمران نيازي جي گرفتاري قانوني هئي، هي فيصلو ان امر جو ثبوت اهي ته نيب قانون مطابق ڪارروائي ڪئي، هن چيو ته پاڪستان جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو ته انهن ملڪ دشمني ۽ دهشتگردي جي پي ٽي آءِ جي روين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ آئين ۽ قانون جو ساٿ ڏنو، وزيراعظم تنبيهه ڪندي چيو ته هنن دهشتگردن ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي خبردار ڪيان ٿو ته اهي ملڪ دشمن سرگرمين کان فوري طور تي مڙي وڃن نه ته قانون هٿ ۾ کندڙ شرپسندن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، آئين ۽ قانون مطابق قرار واقعي سزا ملندي، هن چيو ته عمران خان ملڪ دشمني جو ناقابل معافي ڏوهه ڪيو آهي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ملڪ دشمني آهي، هن چيو ته پاڪستان جي رياست ۽ نظريي جي حفاظت اسان کي پنهنجي جان کان وڌيڪ پياري آهي ۽ ڪنهن کي به ان جي خلاف سازش ڪرڻ نه ڏينداسين.