شھدادڪوٽ (رپورٽ: امير علي مڱڻهار) شھدادڪوٽ جا شھري ھڪ مھيني کان مٿي عرصو گذرڻ باوجود مٺي پاڻي کان محروم آهن، ميونسپل انتظاميا شھرين کي مٺو پاڻي فراھم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، 2 لک کان مٿي آبادي واري شھر شھدادڪوٽ ۾ 4 واٽر سپلاءِ تلاءَ هجڻ باوجود شھري مٺي پاڻي جي لپ کان محروم بڻيل آهن، هوڏانهن شھري کارو پاڻي واپرائڻ سبب مختلف بيمارين الٽي، دست، خارش ۽ ٻين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ شھرين حسن بروھي، وھاب پندراڻي، امداد سومرو، زاھد مگسي چيو ته پاڻي نه هجڻ سبب ڏورانهن علائقن مان پاڻي پئسن عيوض خريد ڪرڻ تي مجبور آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي مهيا ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي.