سنجهورو (رپورٽ: انيس لغاري) سنجهوري ويجهو ننڊ ستل ماءُ جي هنج ۾ ٻارڙو گم، پاڻي جي کڏ مان لاش هٿ،  پوليس پاران جاچ شروع، وارثن جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي اغوا بعد قتل ڪري لاش کڏ ۾ اڇلايو ويو آهي. خبر موجب ڳوٺ صاحب خان رند ۾ 15 ڏينهن جو معصوم ٻارڙو عباس علي ولد ربنواز رند پر اسرار نموني گم ٿي ويو، جنهن جو شام جو پاڻي جي کڏ مان لاش مليو، ان حوالي سان گم ٿيل ٻارڙي جي وارثن ٻڌايو ته اسر ويل 4 وڳي ڌاري ٻارڙي کي سندس ماءُ ٿڃ پياري کٽ تي سمهاريو، جنهن بعد صبح جو سوير اٿڻ مهل ٻارڙو کٽ تي موجود نه هو، هنن ٻڌايو ته ڪنهن جانور جي کڻي وڃڻ جي خدشي سبب اسان فصلن ۾ به ڳولا ڪئي پر ٻارڙي جو ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو، جنهن بعد پاڻي جي کڏ مان لاش هٿ ڪيو ويو. هنن ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ موجود سندن ويڙھي ۾ فوتگي هجڻ سبب ٻاهران کان ڪيتريون ئي رشتيدار عورتون آيل هيون جنهن سبب کين خدشو آھي ته ٻارڙي کي ڪنهن عورت اغوا ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش پاڻي جي کڏ ۾ اڇلايو آهي، ٻئي طرف سنجهورو پوليس سرزمين تي پهچي ٻارڙي جي لاش هٿ اچڻ واري واقعي جي جاچ ڪئي.