بدين (رپورٽر) انڊس اسپتال بدين جي واش روم ۾ ڳورھاري عورت جي ڊليوري ۽ ڪموڊ ۾ ڪري ٻارڙو فوت ٿيڻ واري  معاملي جي ڊي سي بدين نوٽيس وٺڻ بعد ڊي ايچ او ھيلٿ بدين محمد فاروق لغاري فوري واقعي جي انڪوائري لاءِ ليٽر جاري ڪندي ڊاڪٽر عابد علي ميمڻ ۽ ڊاڪٽر صدف لوھار کان  انڪوائري ڪري  24  ڪلاڪن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي. مقرر ٽيم جي ڊاڪٽرن انڊس اسپتال اندر واش روم ۾ ٿيندڙ معصوم جي موت جو ڪارڻ ۽ ڳورھاري عورت گلنار معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪري رپورٽ ڊي ايچ او حوالي ڪندي، انڪوائري مڪمل ڪري ڊپٽي ڪمشنر بدين کي سڄي معاملي کان آگاهه ڪيو ويندو. انھي حوالي سان ڳورھاري عورت جي وارثن اسماعيل شيدي ۽ ساگر شيدي پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ناري جي صورتحال خراب ھئڻ سبب حيدرآباد اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل آھي اسان سان ڊپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز موقعي تي ملاقات ڪري انصاف جو يقين ڏياريو آھي، سومر ڏينھن انڪوائري ٽيم جي رپورٽ اچي ويندي جنھن بعد اسان پنھنجو لا عمل جوڙينداسين اسان کي ھر حال ۾ انصاف کپي. ھوڏانھن سياسي سماجي ڌرين پاران واقعي خلاف تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪندي پيپلز پارٽي جي سٽي صدر غلام رسول سومرو، انيس ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سومر کان ايوان صحافت بدين آڏو احتجاج ڪري ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو.