خيرپورناٿن شاھ (ن پ ا)خيرپورناٿن شاھ ڀرسان  ڳوٺ گل محمد کوسو ۾ نامعلوم هٿياربندن رٽائرڊ استاد تعليمي ماهر اعظم کوسو جي گهر ۾ هٿيارن جي زور تي ڪاھ ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاء ۽ خوف حراس ڇائنجي ويو بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس پهچڻ کان اڳ هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، جنهن بعد اعظم کوسو احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته ڪجھه شرپسند هٿياربندن گهر مٿان ڪاھ ڪري مارڻ جي ارادي سان فائرنگ ڪئي فائرنگ سبب گهر ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا هن ٻڌايو ته هٿياربند مارڻ جي ارادي سان آيا هيا جنهن بعد مون کي گارگند ڪري چوندا رهيا ته ڳوٺا لڏي وڃو ٻي صورت ۾ توکي ۽ گهر ڀاتين قتل ڪري ڇڏينداسين هن چيو ته مون کي ۽ منهنجي خاندان کي انهن مان جاني مالي جو خطرو آهي هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو ، هوڏانهن خيرپورناٿن شاھ ٿاڻي تي نا معلومن تي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي.