سنجهورو (ن پ ا) سنجهوري ويجهو راوتياڻي شھر ۾ نامعلوم چور چوڌري اجمل جٽ جي گهر جي ڇت ٽوڙي گهر ۾ پيل 16 تولا سون ۽ 50 هزار رپيا روڪ رقم کڻي ويا، جڏهن ته نامعلوم چور رٽائر پرائمري ماستر محمود جٽ جي گهر جي پڻ ڇت ٽوڙي گهر ۾  پيل 2 لک 30 هزار روپيا روڪ رقم چوري ڪري ويا، اطلاع تي پوليس پهچي تفصيل ورتا ۽ گهر مالڪن سان گڏجي کوجي ڪتن ذريعي چورن جا پيرا کنيا، جيڪي حيدر چاڪراڻي جي گهر ۾ لڳا، جتان پوليس شڪ جي بنياد تي ڪجھه گرفتاريون ڪيون آھن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.