ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ گلشن مهراڻ جي رهواسي ڪيلي جي واپاري حميد پٺاڻ کان ڪيريا شاخ باء پاس پل وٽ نامعلوم هٿياربندن پاران هٿيارن جي زور تي 7 لک ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جنهن بعد واپاري تنظيم پاران ڪيريا شاخ باء پاس پل تي احتجاجي  ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. اڳواڻن حميد پٺاڻ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٽنڊوالهيار ۾ روز جي بنياد تي چوريون ۽ ڦرون معمول بڻجي ويون آهي ۽ پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. هنن چيو ته حميد پٺاڻ راشدآباد ۾ قائم نجي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي وڃي رهيو هو ته باء پاس پل تي هٿياربند ڦر ڪري فرار ٿي ويا جن مذاحمت تي فائرنگ پڻ ڪئي. هنن چيو ته اسان ڪيلي جو لکين روپين جو ڪاروبار ڪريون ٿا پوليس پڪيٽ قائم ڪري ڏني وڃي جيئن واپاري سک جو ساه کڻي سگهن جڏهن ته ڊي ايس پي سٽي سيد عرفان شاه ڌرڻي ۾ پهچي مظاهرين کي خاطري ڪرائي ته ڪيلي جي واپارين لاء پوليس پڪٽ پڻ قائم ڪئي ويندي.