گهارو (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي گهارو جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي حشمت جوکيو، خدابخش ۽ ٻين دانيهندي چيو ته انتظاميا جي لاپرواهي سبب آگسٽ مهيني جي پگهار نه ملي آهي، پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف ٽائون آفيسرعاطف قادرميمڻ ٻڌايو ته  حڪومت پاران ٽائون ڪاميٽي جي ماهوارقسط جاري نه ٿيڻ سبب پگهارون ناهن ٿي سگهيو، قسط جاري ٿيڻ بعد ملازمن کي پگهار ملندي.