شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ڏينهن ڏٺي واپاري هٿياربندن هٿان يرغمال، لکين رپيا ڦر، واپارين جو ڌرڻو، ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب شھر جي نجي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي ڪار ۾ مقصودو رند ويندڙ واپاري ڪشن چند ڪوهستاني کي ڪوس گهر وٽ چار اڻڄاتل  هيٿاربندن يرغمال بڻائي ساڍا 7 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا، واقعي کانپوءِ واپارين شھدادپور نوابشاهه روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ڦر ڪيل رقم واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. اطلاع تي ڊي ايس پي ايوب بروهي پهچي واپارين کي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، پوليس جو چوڻ آهي ته بئنڪ ۽ آسپاس لڳل سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا ويا آهن جن جي آڌار تي جوابدار تائين پهچي وينداسين.