سنجهورو: سنجهوري ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب سنجراڻي ۾ 12 ورهين جي نينگري شاھينه شيخ جي قتل واري ۾ اڳڀرائي سامهون آئي آهي جنهن دوران نينگري جو والد قاسم شيخ به سندس قتل جي سازش ۾ ملوث نڪتو آهي. پوليس موجب جوابدار مالڪ شيخ پنهنجي والد قاسم شيخ جي صلاح سان پنهنجن ساهريجن تي ڪيس ٺاهڻ لاءِ پنهنجي بيگناھ سڳي ڀيڻ کي تيز ڇري سان انتهائي بي رحماڻي طريقي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ته جيئن ان قتل جو الزام پنهنجي ساهريجن تي هڻي سگهي. سنجهورو پوليس سفاڪاڻي قتل ۾ پنهنجي پٽ جو ساٿ ڏيڻ، حقيقتون لڪائڻ ۽ پوليس کي گمراھ ڪرڻ تي قاسم شيخ کي پڻ گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف سنجهورو پوليس نينگري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته قتل ۾ ملوث نينگري جي ڀاءُ مالڪ شيخ ۽ قتل ۾ پنهنجي پٽ جو ساٿ ڏيڻ تي نينگري جي والد قاسم شيخ مٿان قلم 302 ۽ 834 مطابق ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آھي.