سنجهورو (ن پ ا) ديا ڀيل قتل واقعو، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ديا ڀيل جي تڏي تي پهتو ۽ وارثن سان ملاقات ڪري تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر ديا ڀيل جي ڌيئرن سان به مليو ۽ واقعي بابت سموري معلومات ورتي، ان موقعي تي ديا ڀيل جي وارثن ذوالفقار ڀٽو جونيئر آڏو موقف اختيار ڪيو ته ديا ڀيل قتل ڪيس ۾ گرفتار سندن گهرڀاتي بيگناهه آھن، هنن چيو ته ديا ڀيل جي اصل قاتلن کي گرفتار ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي، وارثن جو موقف ٻڌڻ بعد ذوالفقار جونيئر کين هر ممڪن ساٿ ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي.