سامارو (ن پ ا) سامارو ويجهو اسڪول ويندي اغوا ٿيل نينگر بازياب، اغوا ڪار فرار، 2 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، جوابدارن اغوا بعد 2 ڀيرا بدفعلي ڪئي، نينگر جو عدالت ۾ بيان، خبرموجب سامارو لڳ 3 ڏينهن اڳ اسڪول ويندي اغوا ٿيل پنجين ڪلاس جي شاگرد مولابخش ماڇي کي پوليس موبائيل لوڪيشن تي ٻڍو قمبراڻي جي ڳوٺ محمد حسين خاصخيلي ڀرسان ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو، جڏهن ته اغوا ڪار فرار ٿي ويا، پوليس نينگر کي ٿاڻي تي آندو، نينگر جي پيءُ شير محمد ماڇي جي فرياد تي ٻن ڄڻن رستم عرف شاهنواز ماڇي ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس پٽ موٽرسائيڪل تي اسڪول ويو، جتان جوابدار رستم عرف شاهنواز ماڇي ۽ هڪ نامعلوم اغوا ڪيو، ٻئي طرف نينگر پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار رستم عرف شاهنواز ۽ هڪ نامعلوم اغوا ڪري نامعلوم هنڌ رکي ٻه دفعا بدفعلي ڪئي، پوليس بازياب ڪرايل نينگر کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت نينگر جو 164 جو بيان رڪاڊ ڪيو.