سنجرچانگ (ن پ ا) سنجرچانگ لڳ تاج موري اسٽاپ تي تيز رفتار ڪار جو روڊ ڪراس ڪندڙ 14 ورهين جي فياض علي پٽ بلوچو نونداڻي سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ نينگر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علائقي واسين کڻائي اسپتال نيو پئي ويو ته نينگر رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻي طرف ڪار ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.