ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ لڳ ڳوٺ ٻليدائي ۾ پنهنجي مامن سان عيد ملڻ ويل 11سالن جو دانش پٽ عبدالغني سولنگي ڳوٺ ٻليدائي ۾ ٻين ٻارن سان گڏ وهنجڻ لاءِ کڏ ۾ لٿو ته ٻڏي ويو، اطلاع تي سندس وارث پهچي نينگر دانش سولنگي جو لاش کڏ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي موت جي تصديق ڪئي وئي، ٻي طرف نينگر جو مڙهه گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.