بدين/ سيراڻي (رپورٽ: حميد سومرو، شاهنواز چاوڙو) بدين ۽ ٺٽي (سجاول) ضلعن جي سامونڊي پٽيءَ ۾ 19 مئي 1999 تي آيل خطرناڪ سامونڊي طوفان اَي ٽو کي 22 سال گذري ويا. ساڳئي مهيني جي لڳ ڀڳ ساڳين تاريخن ۾ ٻيهر سامونڊي طوفان جي خطري سبب رهواسين ساهه مٺ ۾ اچي ويو. ياد رهي ته 1999 ۾ آيل سامونڊي طوفان بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي ۾ وڏي تباهي آندي هئي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 300 کان وڌيڪ انساني جانيون موت جي مُنهن ۾ هليون ويون هيون، هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال ۽ لکن جي تعداد ۾ جهنگلي جيوت سميت شاهبندر جاتي کان ويندي بدين جي علي بندر ماڃر۽ مانڌر ولاسي تائين ڪيترائي ڳوٺ اسحاق ٿهيمور، احمد راڄو، ميهار اندل، گولو منڌرو، ابراهيم منڌرو، روپا ماڙي، شيخ ڪرهيو ڀانڊاري، لاکو پير، بخشو ديرو، حاجي حجام، مراد لنڊ، ڪنڊو ملاح، ٻهڊمي، بهادر خان لنڊ، ڪڍڻ، سيراڻي، دينار خان ٽالپر، لواري شريف، گولاڙچي، ٻڏي تباهه ٿي ويا هئا. 19 مئي خميس شام جمعي رات 5 وڳي واريون تيز طوفاني هوائن سبب ايل بي او ڊي (ليفٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين) ابتو وهڻ جي ڪري سمنڊ جو کارو پاڻي سيراڻي گولاڙچي ويجھو پهچي ويو هو. سامونڊي طوفان ۾ بدين ۽ ٺٽي سان تعلق رکندڙ 300 کان وڌيڪ ماهيگير ۽ ڳوٺاڻا موت جو شڪار ٿيا ۽ 5 کان 7 لکن تائين ماڻهو متاثر ٿيا. هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو، ڏيڍ لک کان مٿي وڻ پاڙان پٽجي ويا. لکين پکي ۽ جانور مري ويا. هزارين ڪلو ميٽرن تي پکڙيل آبپاشيءَ نظام درهم برهم ٿي ويو هو، 100 جي لڳ ڀڳ ڍنڍون ڍورا. تباھ ٿي ويا. ان کان علاوه روڊن رستن جو سوين ميلن تي پکڙيل بنيادي ڍانچو ختم ٿي ويو. مقامي ماڻهو اي ٽو طوفان کي هن علائقي جي وڏي بربادي سمجهن ٿا. ڪيترن لاپتا ٿي ويل ماهيگيرن جا وارث اڄ به اداس آهن، جن کي ڪابه خبر نه آهي ته سندن پيارا زنده آهن يا دنيا ڇڏي ويا. اڄ به ڪيتريون مائرون پنهنجي پٽن جي اوسيئڙي ۾ راهون تڪيندي تڪيندي نور وڃائي ويٺيون آهن.