جاتي (رپورٽ: علي اڪبر ٿهيم) عربي سمنڊ ۾ ”ٽاڪ ٽائي“ نالي سامونڊي طوفان جا اثر جاتي جي ساحلي علائقن ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا. سامونڊي ويرون چڙهڻ لڳيون. تيز هوائن جو سلسلو شروع ٿيڻ سبب ساحلي پٽيءَ جا رهواسي سخت پريشاني جي چڙهي ويا. ساحلي پٽيءَ رهواسين حبيب ٿهيم، نواز ٻورهيو،آدم ٿهيم ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ان حوالي سان ٻڌايو ته ته ڪلڪان ڇاڻيءَ جا 300 کان مٿي ماهيگير گهري سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ لاءِ ڪجھه ڏينهن اڳ ويل آهن، جن کي سامونڊي طوفان جو اطلاع نه ملڻ ڪري اهي مڇي جو شڪار ڪري رهيا آهن. هنن جو چوڻ هو ته مختلف برادرين جا ڪيترائي ڳوٺ ساحلي پٽي تي آباد آهن ۽ امڪاني سامونڊي طوفان جو انتظاميا پاران ڪو به اطلاع نه مليو آهي. سمنڊ جي ويرن وڌڻ ۽ هوائن ۾ تيزي اچڻ سبب سخت پريشان ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته مڇي جي شڪار لاءِ ويل سوين مهاڻن کي انتظاميا پاران ڪا به آگاهي نه ڏني وئي آهي ،نه ئي کين واپس اچڻ لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون ويون آهن، هنن چيو 22 سال اڳ 19 مئي 1999 ۾ به سامونڊي طوفان آيو هو جنهن ۾ 300 کان مٿي سمنڊ ۾ ويل ۽ ساحلي پٽيءَ تي رهندڙ مهاڻا موت جو شڪار ٿيا ۽ هزارين ماڻهن کي دربدر ٿيڻو پيو هو. هاڻي به انتظاميا جي لاپراهي سبب وڏي نقصان جو خدشو آهي. هنن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سمنڊ ۾ مڇيءَ جي شڪار لاءِ ويل سوين مهاڻن جي سلامتيءَ سان واپسيءَ هنگامي بنيادن تي اپاءَ ورتا وڃن.