اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سگريٽ سازي جي صنعت ۾ آٽوميٽڪ ٽريڪ اينڊ ٽريس لڳائڻ، پوائنٽ آف سليز ۽ مجموعي طور تي ٽيڪس جو حجم وڌائڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس کي سگريٽ جي ڪارخانن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي اڪثر فيڪٽرين تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائجي چڪو آهي، جڏهن ته باقي رهيلن تي اهو سسٽم لڳائڻ جو عمل جاري آهي، آزاد ڪشمير ۾ اهو سسٽم لڳائڻ جي لاءِ ڳالهيون حتمي مرحلي ۾ آهن، اجلاس ۾ ايف بي آر جي طرفان غيرقانوني سگريٽن جي وڪري ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر 7 لک نون ٽيڪس ڏيندڙن کي پنهنجي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو آهي ۽ هلندڙ سال پنهنجي حدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اجلاس کي شگر ملز تي آٽوميٽڪ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ جي حوالي سان ٿيل اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم سڀني شگر ملز ۾ هن وقت تائين آٽوميٽڪ ٽريس اينڊ ٽريڪ سسٽم نه لڳائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته معيشت جي سمورن وڏن سيڪٽرن ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لڳائڻ لاءِ عالمي شهرت يافته ادارن جون خدمتون ورتيون وڃن، انهن قدمن سان ملڪي معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن ۾ بهتري ايندي ۽ ملڪي آمدني ۾ اضافو ٿيندو، وزراعظم ايندڙ ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.