ڪراچي (م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين پاڪستان جي معيشت سستيءَ جو شڪار رهندي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي گروٿ ۾ 0.6 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح ٻه سيڪڙو تائين هوندي. اي ڊي بي جي آئوٽ لڪ رپورٽ موجب گذريل سال پاڪستان ۾ مهانگائيءَ جي شرح 12.2 سيڪڙو هئي، جيڪا هن سال ٻيڻ کان وڌيڪ 27.5 سيڪڙو تائين هوندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 20 سالن ۾ ماحولياتي تبديلين سان متاثر ٿيندڙ 10 وڏن ملڪن ۾ پاڪستان به شامل آهي، ٻوڏ سبب پاڪستان جي پيداوار متاثر ٿي، جيڪو مهانگائي وڌڻ، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ فارن ايڪسچينج ذخيرن ۾ گهٽتائي جو سبب آهي، پاڪستان ۾ مالي خسارو 6.9 سيڪڙو تائين پهچي رهيو آهي.