ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا جي مشهور ڪپڙي مارڪيٽ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي نقصان ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب انتظاميا پاران ٻڌايو ويو آهي ته ڍاڪا جي مشهور ڪپڙن جي بازار بنگا بازار ۾ باهه لڳي وئي، بازار، 3 هزار دڪانن تي ٻڌل آهي. فائر برگيڊ عملي جو چوڻ آهي ته مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع ملندي ئي عملو واقعي واري هنڌ پهتو ۽ باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو پر باهه جي شدت خطرناڪ حد تائين پهچي چڪي هئي. انتظاميا جو چوڻ آهي ته  بازار ۾ لڳل باهه وسائڻ جي عمل ۾ 600 فائر فائيٽرن  حصو ورتو، فلحال ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، جڏهن ته  اڃا تائين باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي. انتطاميا موجب بازار ۾ موجود سوين دڪان کي باهه وڪوڙي وئي ۽ دڪانن ۾ پيل ڪروڙين رُپين جو ڪپڙو سڙي رک ٿي ويو آهي.