ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ خان ۽ اداڪارا سنگيتا بجلاڻي جي شادي جي ڪارڊز به ڇپجي چڪا هئا پر شادي نه ٿي سگهي. تفصيل موجب سلمان خان 2013 ۾ هڪ انٽرويو دوران پاڻ ئي انڪشاف ڪيو هو ته کيس شادي جي شدت سان خواهش هئي پر نه ٿيندي ٿيندي ئي رهجي وئي. سلمان خان ۽ ماضي جي ڀلوڙ اداڪارا سنگيتا بجلاڻي 1986 ۾ ويجهو ٿيا هئا ۽ سندن ملاقاتون به وڌي ويون هيون جنهن بعد ٻنهي 1994 ۾ شادي جو فيصلو ڪيو هو پر پوءِ اها شادي اڌ ۾ ئي رهجي وئي ۽ سنگيتا بجلاڻي 1996 ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽر اظهر الدين سان شادي ڪري ڇڏي جيڪا پڻ 2010 تائين هلي سگهي.