عمران خان، مريم نواز ۽ بلاول سميت پاڪستاني ٽوئيٽر صارفين جا فالوورز گهٽجي ويا ؟

0
94
عمران خان، مريم نواز ۽ بلاول سميت پاڪستاني ٽوئيٽر صارفين جا فالوورز گهٽجي ويا ؟

 پاڪستاني سوشل ميڊيا تي جتي گذريل ڪجهه ڏينهن کان سياسي ڇڪتاڻ جي حوالي سان مختلف ٽرينڊز هلي رهيا آهن، اتي جمعي جي شام ڪيترن ئي ٽوئيٽر صارفين پنهنجي فالورز جي تعداد ۾ اوچتو گهٽتائي جي شڪايت ڪندي نظر آيا. اهو رجحان نه رڳو عام صارفين جي اڪائونٽن تي ڏٺو ويو پر لکين فالوورز سان گڏ مشهور شخصيتن جا اڪائونٽ به نه بچي سگهيا آهن ۽ سڀني کي ٽوئيٽر تي پنهنجن فالورز ۾ گهٽتائي کي منهن ڏيڻو پيو،  پاڪستان ۾ ٽوئيٽر تي سڀ کان وڌيڪ فالو ٿيندڙ ماڻهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز ۽ اڳوڻو ڪرڪيٽ ڪپتان وسيم اڪرم به انهن صارفين ۾ شامل آهن جن جي فالوورز ۾ جمعي تي معمولي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. جڏهن کان ايلون مسڪ ٽوئيٽر جي قيادت سنڀالي آهي، تڏهن کان هو ’بوٽس‘ يا جعلي اڪائونٽس جي موجودگيءَ خلاف ڪريڪ ڊائون جو عزم ڪندو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪجهه ٽوئيٽر صارفين فالوورز ۾ گهٽتائي کي ايلون مسڪ جي انهي قدم سان جوڙي رهيا آهن.

مريم نواز جا 14000 فالوورز ۽ عمران خان جا 11000 فالوورز اڏامي ويا

سوشل ميڊيا پليٽ فارمن بابت هڪ تجزياتي ڪمپني سوشل بليڊ پاران جائزو وٺڻ سان ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته جمعي واري ڏينهن Twitter استعمال ڪندڙن جي فالوورز ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي، ان حوالي سان سوشل بليڊ تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ جو جائزو وٺڻ تي انڪشاف ٿيو آهي ته هڪ ڪروڙ 19 لک کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ عمران خان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي جمعي جي شام 11 هزار 800 کان وڌيڪ سندس فالوورز جي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، موجوده وزيراعظم شهباز شريف جا ٽوئيٽر تي 66 لک فالوورز آهن، جمعي ۽ ڇنڇر تي 8 هزار کان وڌيڪ فالوورز گهٽجي ويا. مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جا 80 لک کان وڌيڪ فالورز آهن، جمعي جي شام سندس 14 هزار 600 فالوورز گم ٿي ويا. وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جا فالوورز جمعي جي ڏينهن 3534 ۽ ڇنڇر جي صبح تائين وڌيڪ 2900 فالوورز گهٽجي ويا. ڪرڪيٽ ليجنڊ وسيم اڪرم جي 3800 کان وڌيڪ فالوورز جو انگ هڪ ڏينهن ۾ گهٽجي ويو.

پاڪستاني اداڪارا ماهره خان جا 30 لک فالوورز مان لڳ ڀڳ اڍائي هزار کان وڌيڪ گهٽجي ويا آهن. جن ماڻهن جا ٽوئيٽر هينڊلز لکين ۽ ڪروڙين فالوورز آهن، اهي شايد چند هزار فالوورز جي گهٽتائي کي اهميت نه ڏين پر جيڪي ماڻهو پنهنجي فالوورز جي ڳڻپ تي نظر رکن ٿا، انهن لاءِ اهو سلسلو ڪنهن پريشاني کان گهٽ ناهي.

پهريان بليو ٽڪ وئي ۽ هاڻ هي

اهو ممڪن آهي ته ڪجهه ماڻهو فوري طور تي فالوورز ۾ اوچتو گهٽتائي کي محسوس نه ڪن. پر حقيقت اها آهي ته جڏهن کان سوشل ميڊيا معلومات تائين رسائي ۽ خبرون جلدي پکيڙڻ جو هڪ اهم اوزار بڻجي ويو آهي تڏهن کان فالوورز جو تعداد اڪثر ڪري Twitter استعمال ڪندڙن لاءِ آڪسيجن جي حيثيت اختيارڪري چڪو آهي.

فالورز ۾ گهٽتائي جي سڀ کان وڌيڪ صحافين ۽ اينڪرز پاران شڪايت ڪئي وئي.

ٽي وي اينڪر پارس جهانزيب لکيو ته هن وقت تائين چار، پنج هزار فالوورز گهٽجي چڪا آهن. مهرباني ڪري ڪو رهنمائي ڪري ته ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي؟.’

جتي ڪيترن ئي صارفين هزارين فالوورز جي گم ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، اتي ڪيترائي اهڙا به هئا، جن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن فالورز جي گم ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي نظر آيا. ۽ انهن مان ڪيترائي صارف اهڙا هئا جن جو بليو ٽڪ نشان ختم ٿيڻ جو ڏک تازو ٿي ويو، ان سلسلي ۾ صحافي نوشين يوسف لکيو ته ”تقريبا ٻه هزار فالوورز ڇڏي ويا. پهرين بليو ٽڪ وئي ۽ هاڻي هي. ڪيترائي صارفين اهڙا آهن جن جي فالوورز جو تعداد اڳ ۾ ئي اٽي ۾ لوڻ وانگر هو، انهن به فالورز جي گهٽتائي محسوس ڪئي. صحافي عمر چيما لکيو ته گهٻرائڻو ناهي هي وقت به گذري ويندو، ثاقب  بشير لکيو ته منهنجا به تقريبن 1500 فالوورز اڏامي ويا، علي اصفر لکيو ته وڏي مزي جي ڳالهه اها آهي ته جن کي آئون فالو ڪري رهيو آهيان اهي گهٽ ناهن ٿيا، بس رڳو فالوورز گهٽ ٿيا آهن، نجيب نالي هڪ صارف لکيو ته ”منهنجا به ٻه فالوورز اڏامي ويا اڳ ئي رڳو هڪ سئو چاليهه هئا. اڪثر صارفين ان بحث ۾ حصو ورتو ۽ لکيو ته ”اسان جن جا ڪجهه فالوورز آهن ان کي پرواهه ئي ناهي ته پنج ڏهه گهٽ به ٿي ويا ته ڇا ٿي پيو.

Twitter فالورز ۾ گهٽتائي جو سبب ڇا آهي؟

ٽوئيٽر تي فالوورز جي گهٽتائي جو بحث پنهنجي جاءِ تي پر ياد رهي ته ايلون مسڪ جڏهن کان ٽوئٽر سنڀاليو آهي، مختلف فيچرز ۽ پاليسين ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن ۽ ان تي صارفين طرفان کيس تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو آهي. بهرحال، هن بار بار غير فعال يا اسپام اڪائونٽس کي هٽائڻ لاءِ پنهنجي عزم کي ٻيهر ورجايو آهي. پهرين ڊسمبر 2022 تي ايلون مسڪ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اسپام اڪائونٽس کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ان عمل سان صارفين کي پنهنجي فالورز جي تعداد ۾ گهٽتائي نظر اچي سگهي ٿي.

اسان ٽوئيٽر فالوورز ۾ گهٽتائي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل رائٽس جي تنظيم ”بائيٽس فار آل” جي ڪنٽري ڊائريڪٽر شهزاد احمد سان رابطو  جنهن ان کي بوٽس ( جعلي اڪائونٽس) ۽ انهن جي خلاف ڪريڪ ڊائون قرار ڏنو. شهزاد احمد موجب ايلون مسڪ ٽوئيٽر جي الگورتھم ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون آهن ۽ انهن تبديلين جي نتيجي ۾ اهڙا اڪائونٽ بند ڪيا پيا وڃن ۽ اهو سلسلو ڪافي عرصي کان جاري آهي.

هن جو چوڻ آهي ته اڪثر ماڻهو يا ڪاروبار جعلي اڪائونٽن سان پنهنجا فالوورز وڌائيندا آهن. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي فالوورز وڌائڻ لاءِ باقاعده پئسا خرچ ڪن ٿا، جن ۾ ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون به شامل آهن. جن تي باقاعده تحقيق ڪئي وئي آهي. شهزاد احمد موجب، ”ڪيترا ئي گهوسٽ اڪائونٽس آهن جن کي ايس سي او ڪمپنيون استعمال ڪنديون آهن صرف اهو ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ لاءِ ته سندن ڪمپني جا ڪيترا فالوورز آهن. هن چيو ته ٽوئيٽر طرفان ”اهڙي غير فعال اڪائونٽ کي پيغام موڪليو وڃي ٿو ته ان کي 72 ڪلاڪن اندر جواب ڏنو وڃي، جيڪڏهن صارف جواب نه ڏيندو ته اڪائونٽ بند ڪيو ويندو“.  ته انهن ۾ مختلف ڪمپنيون آهن، خاص طور تي SCO ڪمپنيون، جن ڪيترائي اڪائونٽ ٺاهي رکيا آهن ۽ انهن کي TweetDeck کان فالوور شپ ڏئي رهيا هوندا آهن، پر Twitter تي ٽرئفڪ اڪائونٽ جي فالوورز بدران آرگينڪ انگيجمينٽ کان اچي ٿي. تنهن ڪري جن کي آن لائن انگيجمينٽ نه آهي انهن تي امپريشنز (لائڪس، ري ٽوئيٽ) ناهن ايندا.

شهزاد مطابق، “الگورٿم ۾ تبديليون ۽ گهوسٽ اڪائونٽس جو خاتمو فالوورز ۾ وڏي گهٽتائي جو بنيادي سبب آهن. جڏهن ته بليو ٽِڪ کي هٽائڻ به فالوونگ گهٽائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. ‘

اپريل جي شروعات ۾ ، ايلون مسڪ بي بي سي سان هڪ لائيو انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو هو ته ٽوئيٽر هلائڻ ”تڪليف ڏيندڙ رهيو آهي. ارب پتي واپاري اهو به چيو ته جيڪڏهن صحيح ماڻهو آيو ته هو ٽوئيٽر ڪمپني کي وڪرو ڪري ڇڏيندو. مسڪ، جيڪو ڪار ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا ۽ راڪيٽ فرم اسپيس ايڪس هلائي به ٿو، گذريل سال آڪٽوبر ۾ 44 ارب ڊالر ۾ Twitter خريد ڪيو هو بي بي سي سان هڪ انٽرويو دوران، هن ڪمپني کي هلائڻ لاءِ پنهنجي پاليسين جو دفاع پڻ ڪيو. (آسيه انصر-بي بي سي جي ٿورن سان)