ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سلمان خان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ گروهه بلڪل تيار هو پر اهو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ سلمان خان قاتلاڻي حملي کان بچي ويو. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته لارنس بشنوئي سلمان خان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ شارپ شوٽر کي هاڪي جي ڪيسنگ ۾ لڪائي ننڍي بور جو هٿيار موڪليو هو ۽ لارنس بشنوئي شارپ شوٽر کي سلمان خان کي قتل ڪرڻ لاءِ هن جي رهائشگاهه ٻاهران بيهاريو هو. ان ڏينهن سلمان خان سان گڏ ممبئي پوليس جو هڪ جٿو موجود هو ۽ سلمان خان جي گهر ٻاهران ڪا عوامي تقريب به جاري هئي. اداڪار جي گهر ٻاهران هجوم هئڻ سبب شارپ شوٽر کي ساٿين سميت واپس وڃڻو پيو. پر رپورٽن ۾ اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ڀارتي اختيارين کي سلمان خان جي قتل جي حڪمت عملي بابت معلومات ڪيئن ملي.