واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) امريڪي رياست مسيسيپي جي هڪ ٻيٽ تي سياحت لاءِ آيل ڪوڊي لو کي پاڻي ۾ پيل آءِ فون ملي جيڪا هڪ هفتي کان پاڻي ۾ پيل هئي ۽ حيرت انگيز طور تي ڪم ڪري رهي هئي. تحقيق ڪرڻ بعد خبر پئي ته اها فون فلوريڊا جي شهر گلف پورٽ واسڻ ايرن اسڪيگس جي آهي. رابطو ڪرڻ تي عورت ٻڌايو ته هارن ٻيٽ جي ميموريل ڊي جي سفر دوران منهنجون فون پاڻي ۾ گم ٿي ويو هو. ڪوڊي لو هڪ فيس بڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته اسان آچر تي هارن ٻيٽ جو دورو ڪري رهيا هئاسين ته اسان کي پاڻي ۾ هڪ آءِ فون ملي، مان فون آن ڪئي ته اهو ڏسي حيران رهجي ويس ته فون اڃا به ڪم ڪري رهي هئي. لو فون جي لاڪ اسڪرين جي هڪ تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ اسڪيگس ۽ هن جي مڙس جو فوٽو هئي ۽ ايئن عورت کي پنهنجي وڃايل آءِ فون پاڻي ۾ هڪ هفتو رهڻ جي باوجود ٺيڪ حالت ۾ ملي وئي.