ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا غزل صديق ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو اسڪرين تان غائب رهن بعد ويجهر ۾ ڪينيڊا کان واپسي بعد ٽائيم نيوز چينل تي مارننگ شو ۾ ٻڌايو ته اداڪاري ڇڏڻ کانپوءِ سلطانه صديقي جي چوڻ تي ماروي ڊرامي ۾ ڪم ڪيو هو ۽ اهو ڪردار منهنجي سڃاڻپ بڻجي ويو. ماڻهو اڄ به مونکي ماروي جي نالي سان سڃاڻيندا آهن. هن ٻڌايو ته 12 سال ملڪ کان ٻاهر رهڻ بعد هاڻي باقي زندگي هتي گذرينديس، فوري طور تي شوبز ۾ واپسي بابت ناهي سوچيو. هڪ سوال جي جواب ۾ غزل ٻڌايو ته مونکي اداڪاري کان وڌيڪ ميزباني ڪرڻ سٺو لڳندو آهي ۽ جيڪڏهن ميزباني لاءِ ڪو سٺو موقعو مليو ته ضرور ان تي ڪم ڪنديس. غزل وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجو تعلق ڪراچيءَ سان آهي ۽ 9 ڀينر ڀائرن ۾ سڀ کان ننڍي مان آهيان. اداڪارا ٻڌايو ته ڪيريئر جي عروج تي شادي ڪرڻ ۽ جلد ئي ماءُ ٿيڻ سبب ڪينيڊا منتقل ٿي وياسين.