ٿائيلينڊ واسي جي گهر ۾ وڏي بلا داخل، وڊيو وائرل

0
238
ٿائيلينڊ واسي جي

 بينڪاڪ (دلچسپ نيوز) ٿائيلينڊ واسي جي گهر ۾ وڏي بلا داخل ٿيڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. بلا (نانگ) جي وڊيو ڏسي سوشل ميڊيا واهپيدار دنگ رهجي ويا. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته وڏو نانگ گهر ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪهڙي انداز ۾ واپس ويو. اهو ته واضح نه ٿي سگهيو ته بلا جي اها وڊيو ٿائيلينڊ جي ڪهڙي علائقي جي آهي پر نانگ جا منظر حيران ڪندڙ هئا جنهن تي انٽرنيٽ واهپيدار خوف جو به اظهار ڪيو

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نانگ ڀت تان رڙهندو ڇت تي ۽ وري اتان لهي نامعلوم هنڌ نڪري ويو. نانگ جڏهن گهر جي ڇت تي ويو ته اتي هڪ ٻلي به کيڏندي نظر آهي جنهن تي واهپيدارن دلچسپ تبصرو ڪيو، ڪنهن جو چوڻ هو ته ٻليءَ تي به حملو ٿي سگهي ٿو. ان سوشل ميڊيا واهپيدار حيرانگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙو جسم رکندڙ نانگ ڀت تي ڪيئن ٿو ريڙهيون پائي سگهي.