خيرپور (رپورٽر) آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن (آسا) ضلعي خيرپور جون سال 23-2022 لاءِ چونڊون آسا جي مرڪزي پريس ترجمان شريف عباسي ۽ عنايت الله ٻرڙو جي نگرانيءَ هيٺ ٿي گذريون، جنھن ۾ فنڪارن، فنڪارائن ۽ سازندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اتفاق راءِ سان ھڪ دفعو ٻيھر رخسانه سورٺ صدر چونڊجي وئي. جنرل سيڪريٽري سالار سنڌي، نائب صدر علي احمد سيال، جوائنٽ سيڪريٽري رخسانه ماروي، فنانس سيڪريٽري ذوالفقار علي سامٽيو، پريس سيڪريٽري احمد علي مسافر،آفيس سيڪريٽري محمد نواز سمون، جڏهن ته ڪائونسلر لاءِ استاد عبدالغفور سومر، آصف رضا ٻانڀڻ ۽ ٻين کي چونڊيو ويو.