نوابشاهه (بيورو رپورٽ) سنڌ ۽ پاڪستان جي ليجنڊري اداڪار گلاب چانڊيو جي نوابشاهه پريس ڪلب ۾ ٽئين ورسي ملهائي وئي. سنڌ ۽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اداڪاري جا جوھر ڏيکاريندڙ عالمي مڃتا ماڻيندڙ نوابشاهه ڄائو آرٽسٽ گلاب چانڊيو جي ٽئين ورسي سنڌ فنڪار ويلفئير ٽرسٽ شھيد بينظير آباد پاران نوابشاهه پريس ڪلب جي محرم علي ڀٽي ڪانفرنس ھال ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ سياسي سماجي علمي ادبي آرٽ جي شعبي سان واڳيل شخصيتن پاران ھر مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ نامور آرٽسٽن، سينئر صحافين بخش علي جمالي، ڪاشف ابڙو، شوڪت حسين شاھ لڪياري، ساجد خاصخيلي، آفتاب ميمڻ، اسلم شاد، مٺل ڀٽي، وسيم مشتاق مساوا، اسد بخاري ۽ ٻيا شامل ھُيا.