سعودي ۾ ڀولڙن جي حملي ۾ نوجوان ۽ ٻارڙو زخمي

0
285

رياض(دلچسپ نيوز) سعودي ۾ ڀولڙن جي حملي ۾ نوجوان ۽ ٻارڙو زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سعودي عرب جي باحا ريجن جي الحسام پارڪ ۾ ماڻهن جو وڏو انگ تفريح لاءِ آيل هو ان دوران ڀولڙن جي هڪ ٽولي سخت ڪاوڙ ۾ اچي وئي ۽ تفريح لاءِ آيل ماڻهن تي حملو ڪري ڏنو، ڀولڙن جي حملي ۾ هڪ نوجوان ۽ معصوم ٻارڙوسخت زخمي ٿي پيا، پارڪ انتظاميا ريسڪيو عملي جي مدد سان ڀولڙن تي ضابطو آندو. پارڪ انتظاميا موجب نوجوان ۽ ٻارڙي کي علاج لاءِ ڪنگ فهد اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو.