يوٽيوبر ڪتي کي گئس واري ڦوڪڻي ۾ اڏائڻ تي گرفتار

0
177

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) يوٽيوبر کي انوکي وڊيو ٺاهڻ ڳچي ۾ پئجي وئي، پوليس کيس ڪتي کي گئس واري ڦوڪڻي ۾ اڏائڻ تي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب 40 لک فالوورز رکندڙ ڀارتي يوٽيوبر گور او انوکي وڊيو شيئر ڪئي، وڊيو ۾ گور او کي ڪتي کي گئس وارو ڦوڪڻو ٻڌي اڏائيندي ڏسي سگهجي ٿو. ڊالرنالي ڪتوگئس جي ڦوڪڻن ٻڌجڻ سبب اڏامي هڪ گهر جي ڀت سان ٽڪرائجي ويو، يوٽيوبرجي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. ڪجهه صارفين ان عمل کي جانورن جي حقن جي ڀڃڪڙي پڻ قرار ڏنو ، صارفين جي سخت تنقيد بعد پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي ۽ گوراو کي گرفتار ڪري ورتو، يوٽيوبر پوليس آڏو غلطي جو اعتراف ڪيو فوري طور وڊيو ڊليٽ ڪري ڇڏي ۽ صارفين کان پڻ معافي ورتي جنهن بعد پوليس کيس آزاد ڪري ڇڏيو.