رياض (م ڊ) سعودي عرب ۾ سال 2023ع جي رمضان شريف جو پهريون روضو 23 هين مارچ خميس جي ڏينهن ٿيڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب سعودي عرب جي القصيم يونيورسٽيءَ ۾ فلڪيات جي اڳوڻي پروفيسر ۽ موسميات جي سوسائيٽي  جي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله المسند موجب هلندڙ سال ڀلاري مهيني جو پهريون روزو خميس 23 هين مارچ 2023 تي ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته هن ڀيري شعبان 30 ڏينهن جو ٿيندو ڇاڪاڻ ته 29 هين شعبان 21 هين مارچ اڱاري تي چنڊ سج لهڻ کان اٽڪل 9 منٽ پهريان لڪي ويندو. هن ٻڌايو ته چنڊ ۽ سج جو ميلاپ 29 هين شعبان يعني 21 هين مارچ جي شام 8 لڳي 23 منٽن تي ٿيندو، انڪري رمضان جو پهريون روزو 23 هين مارچ تي ٿيڻ جو امڪان آهي.