رياض (انٽرسٽنگ نيوز) اڄ ڪلهه جي دور ۾ ٽيڪنالوجي ايتري عام ٿي وئي آهي جو هاڻي روبوٽ ماڻهن جيان ڪم ڏيڻ عام ٿي ويو آهي، ڪعبي جو غلاف تيار ڪندڙ فيڪٽري ۾ 11 ٻوليون ڳالهائيندڙ روبوٽ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنگ عبدالعزيز ڪامپليڪس ايندڙ پانڌيئڙن جي آجيان ڪندو. جي ها! ڪعبي جو غلاف تيار ڪندڙ فيڪٽري ۾ 11 ٻوليون ڳالهائيندڙ روبوٽ مقرر ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنگ عبدالعزيز ڪامپليڪس ايندڙ پانڌيئڙن جي آجيان ۽ فيڪٽري جو تعارف ڪرائيندو. حرمين شريفين انتظاميا جو چوڻ آهي ته روبوٽ فيڪٽري جو تعارف ڪرائيندو، 24 ڪلاڪ بنا وقفي جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳالهائي سگهي ٿو ۽ هن جون ڪيتريون ئي خوبيون آهن، هي پانڌيئڙن جي چهرن ۽ جذبات کي به سڃاڻي سگهي ٿو